اسلام آباد-14 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب نجي شعبي جي اڳواڻيءَ ۾ معيشت جي ترقي ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل معيشت کي هٿي ڏيڻ جي حڪومتي عزم کي ورجائيندي چيو ته معيشت جي مختلف شعبن ۾ ڍانچه جاتي سڌارن تي عملدرآمد جاري آهي، زرعي انڪم ٽيڪس ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. پينشن سڌارن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي ۽ 43 وزارتن ۽ 400 لاڳاپيل کاتن جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي پئي وڃي. هن اها ڳالهه انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ايگزيڪيوٽو نائب صدر مختار دايوپ جي اڳواڻيءَ ۾ آيل وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد ۾ آءِ ايف سي جي علائقائي نائب صدر هيلا چيڪروحو، وچ اوڀر، پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ آءِ ايف سي جي علائقائي ڊائريڪٽر خواجه آفتاب احمد، پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽري ناجي بن حسائن ۽ـ پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ آءِ ايف سي جو ڪنٽري مئنيجر ذيشان شيخ شامل هئا. ناڻي واري وزير سان گڏ عالمي بئنڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيد توقير حسين شاهه، ناڻي کاتي جو سيڪريٽري امداد الله بوسال ۽ فنانس ڊويزن جا سينيئر آفيسر به موجود هئا. وفد جي آجيان ڪندي ناڻي واري وزير آءِ ايف سي کي نجي شعبي سان هاڻوڪن معاهدن تي مبارڪون ڏنيون ۽ پاڪستان ۾ نجي ادارن جي متحرڪ، فعال ۽ ڪامياب ڪردار کي ساراهيو. هن وفد کي ملڪي مجموعي معاشي صورتحال جي استحڪام جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير وفد کي دبئي ۾ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيوا سان ٿيل ملاقات جي باري ۾ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ايم ڊي آءِ ايم ايف پاڪستان جي اقتصادي اؤسر ۽ استحڪام لاءِ قدمن کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته ڊيووس ۾ آءِ ايف سي سان گذريل ملاقات کانپوءِ قرض ۽ ايڪوئٽي ٻنهي شعبن ۾ بهتري آئي آهي. ناڻي واري وزير وفد کي معيشت جي مختلف شعبن ۾ ڍانچه جاتي سڌارن کان به آگاهه ڪيو ۽ـ چيو ته ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ آئي آهي، زرعي انڪم ٽيڪس ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي جيڪو بي مثال قدم آهي. پينشن سڌارن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، 43 وزارتن ۽ 400 کاتن جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي پئي وڃي جن ۾ ڪيترن کاتن کي ضم يا ختم ڪيو ويندو. هن نجي شعبي جي اڳواڻيءَ ۾ معيشت جي ترقي ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل معيشت کي هٿي ڏيڻ جي حڪومتي عزم کي ورجايو ۽ـ آءِ ايف سي جي مسلسل حمايت تي ان جو ٿورو مڃيو. آءِ ايف سي جي ايم ڊي ناڻي واري وزير جي مهمان نوازيءَ جي تعريف ڪئي ۽ حڪومت طرفان سڌارن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ نجي شعبي جا لاڳاپيل حصيدار حڪومت ۽ ناڻي واري وزير جي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن پاڪستان جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ کي عالمي سطح تي بهترين مثالن مان هڪ قرار ڏنو. مختار دايوپ سان پاڪستان سان ويجهن لاڳاپن جي عزم کي ورجايو ۽ ٻُڌايو ته آءِ ايف سي ماحول دوست توانائي، ڊيٽا سينٽرز، زرعي سپلاءِ چين ۾ بهتري، ٽيلي ڪام سيڪٽر ۽ ڊجيٽلائيزيشن جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون فراهم ڪندو. ناڻي واري وزير حڪومت طرفان سيويئر هائوسز کي هڪ صنعت طور تسليم ڪرڻ جي هاڻوڪي اعلان جو ذڪر ڪيو ۽ـ بنيادي ڍانچي آءِ ٽي، ڊيٽا سينٽرز ۽ ايڪ ٽيڪ ۾ سرڪاري ۽ نجي حصيداري جي عزم کي ورجايو. هن زرعي آمدنيءَ جي ٽيڪس تي وڌيڪ ڳالهائيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سيڙپڪارن جي چُرپُر ۾ نجي شعبي کي مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن اهو به ٻُڌايو ته ڪيترائي بين الاقوامي حصيدار پاڪستان ۾ وڌندڙ سيڙپڪاريءَ جي صلاحيت جو اعتراف ڪري چڪا آهن. ڌُرين معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ پائيدار تعاون جي عزم کي ورجايو.