اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه ايگزم بئنڪ آف پاڪستان ۽ ترڪيه جي ايگزم بئنڪ جي وچ ۾ مفاهمت جي دستاويز تي صحيحون ڪيون. مفاهمت جي دستاويز تي صحيحون جمهوريه ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي پاڪستان جي تاريخي دوري جي موقعي تي ٿيون، معاهدو پاڪستان ۽ ترڪيه جي اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي بئنڪاري ۽ ماليات بابت گڏيل ورڪنگ گروپ جي اجلاس جي تڪميل جو حصو آهي. ترڪيه جي واپار واري وزارت جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف انٽرنيشنل ايگريمنٽس اينڊ يورپي يونين جي ايشيا ۽ بحرالڪاهل خطي جي ملڪن جي شعبي جي سربراهه چغتائي اوزدين ۽ ايگزم بئنڪ پاڪستان جي وقتي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ صدر عبدالحفيظ صحيحون ٿيل مفاهمتي يادداشتن جي مٽاسٽا ڪئي. ايم او يو سان ٻنهي ملڪن جي ايڪسپورٽ ڪريڊٽ ايجنسيز (اي سي ايز) جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري کي فروغ ملندو جنهن ۾ ٽئين ملڪن ۾ گڏيل منصوبن جي ذريعي پراجيڪٽ تعاون، گڏيل تحقيقي منصوبي ۽ معلومات جي مٽاسٽا شامل آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي چغتائي اوزدين ٻڌايو ته ايگزم بئنڪ آف پاڪستان سان حصيداري جي سفر جي شروعات خوش آئنده آهي ۽ اسان ان حوالي سان پرجوش آهيون، ان سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ٻئي ملڪ گڏجي پنهنجي برآمدي شعبن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سگهه ۽ صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندا. ايگزم بئنڪ پاڪستان جي سي اي او عبدالحفيظ ٻڌايو ته ترڪيه ايگزم بئنڪ سان تعاون پاڪستان جي برآمدي شعبي کي سگهارو بڻائڻ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي ترڪيه جي هم منصب بئنڪ جي تعاون ۽ فني مهارت جي مٽاسٽا کي ساراهيون ٿا ۽ ان کي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته صدر اردوان جو پاڪستان جو دورو ترڪيه جي ڀائراڻي لاڳاپن جو مظهر آهي ۽ هي ايم او يو انهن لاڳاپن جي عملي عڪاسي آهي.