لاڙڪاڻو-13 فيبروري (اي پي پي) دي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو ۾ يونيورسٽي ۾ پهريون اسپورٽس گالا 2025ع شروع ٿي ويو آهي جنهن جو افتتاح مهمان خاص ايم پي اي لاڙڪاڻو جميل احمد سومرو، يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد عثمان ڪيريو، وڏي وزير جي معاون خصوصي خيرمحمد شيخ، ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لُهر، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، وائيس چانسلر شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي پروفيسر نصرت شاهه ۽ ٻين گڏجي ڪيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي خاص مهمان ايم پي اي جميل احمد سومرو چيو ته شاگردن کي تعليم سان گڏ رانديون به ضروري آهن، هن يونيورسٽي کي هڪ سال ٿيو آهي، يونيورسٽي ۾ نئين داخلا ۽ اسپورٽس گالا ڪرائڻ تي وائيس چانسلر کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هوڏانهن اسپورٽس جي پهرين ڏينهن گرلس ميوزيڪل چيئر جا مقابلا ٿيا جنهن ۾ هر فيڪلٽي مان 4 گرلس شاگردياڻين حصو ورتو. اهڙي طرح ميوزيڪل چيئر جي مقابلن ۾ پهرين پوزيشن ايگريڪلچر فيڪلٽي جي سميرا سوهو، ٻئين پوزيشن فيڪلٽي انجنيئرنگ جي فضا شيخ ۽ ٽئين پوزيشن فيڪلٽي آف سائنس جي علينه ڀٽي حاصل ڪئي. شاگردن جي رسو ڇِڪڻ جي مقابلن ۾ 8 ڊپارٽمينٽن جي شاگردن حصو ورتو. اهڙي طرح رسو ڇِڪڻ جي پهرين رائونڊ ۾ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جي ٽيم بزنس ڊپارٽمينٽ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي. ٻئين رائونڊ ۾ اليڪٽريڪل ڊپارٽمينٽ جي ٽيم انگلش ڊپارٽمينٽ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي. ٽئين رائونڊ ۾ اليڪٽرانڪس ڊپارٽمينٽ جي ٽيم ميڪنيڪل جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي. چوٿين رائونڊ ۾ ڪمپيوٽر سائنس ڊپارٽمينٽ جي ٽيم سول ڊپارٽمينٽ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي. ان کان اڳ وائيس چانسلر پروفيسر محمد عثمان ڪيريو آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪندي کين شيلڊون، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا. افتتاحي تقريب ۾ اسڪول جي ٻارن ٽيبلوز پيش ڪري ثقافتي گيتن تي جمهريون هنيون.