اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ستين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ گڏيل دلچسپي ۽ تعاون جي سمورن شعبن بشمول واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ٽيڪنالاجي، تعيلم، ميڊيا، دفاع، صحت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اهم فيصلن تي اتفاق ڪيو ويو جنهن سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.