اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. ترڪ صدر جي وزيراعظم هائوس پهچڻ تي باوقار آجياڻي واري تقريب منعقد ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ صدر جوي والهاڻو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪ صدر روايتي انداز ۾ هٿ ملايو. ان موقعي تي ترڪ صدر کي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ترڪ صدر گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ صدر سان پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. رجب طيب اردوان به پنهنجي وفد جي ميمبرن جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تعارف ڪرايو. وزيراعظم ترڪ صدر جي وفد ۾ شامل ميمبرن سان گرمجوشي سان هٿ ملايو. ترڪ صدر وزيراعظم هائوس جي اڱڻ ۾ ٻوٽو پڻ پوکيو. ترڪ صدر آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان گرمجوشي سان مليو. پاڪ فضائيه جي جي ايف 17 جهاز ۽ ايف 16 جهازن خصوصي فلاءِ پاسٽ ڪندي معزز مهمان کي سلامي ڏني.