اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پبلڪ ريليشنز اينڊ ڪميونيڪشن ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشنز، ثقافتي تعاون ۽ آڊيو ويزيوئل سروسز جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمتي يادداشتون ۽ معاهدا طئي ٿيا. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ترڪيه جو ڊائريڪٽر آف ڪميونيڪشنز فخرالدين آلتن، پبلڪ ريليشنز اينڊ ڪميونيڪيشن اينڊ ميڊيا اينڊ ڪميونيڪشن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن جي مٽاسٽا ڪئي. اهڙي طرح اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ترڪيه جي پرڏيهي معاملن واري وزير حقان فيدان ثقافتي تعاون ۽ آڊيو ويزيوئل سروسز جي شعبي ۾ معاهدن جي مٽاسٽا ڪئي. ان موقعي تي ترڪيه جو صدر رجب طيب اردوان ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف به موجود هئا.