ڪولمبو- 13 فيبروري (اي پي پي) سريلنڪا ۽ آسٽريليا جي ڪرڪٽ ٽيمن وچ ۾ ٻه ھڪ ڏينھن واري عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ۽ آخري ميچ جمعو 14 فيبروري تي آرپريماداسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو. ميزبان آءِ لينڊرز کي ٻن ميچن جي سيريز ۾ مھمان آسٽريلوي ٽيم خلاف 1-0 جي سرسي حاصل آھي. سريلنڪن ٽيم پھرين ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا جي ٽيم کي 49 رنسن تان ھارائي ڇڏيو هو. ون ڊي سيريز ۾ آسٽريليا جي ٽيم کي ناليواري بيٽسمين اسٽيون سمٿ ليڊ ڪندو جڏھن ته ميزبان آءِ لينڊرز جي ٽيم چارٿ اسالنڪا جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٻن ون ڊي ميچن جي سيريز جو ٻيو ۽ آخري ون ڊي ميچ 14 فيبروري تي ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو.