دوحه – 13 فيبروري (اي پي پي) پولينڊ جي مشهور ٽينس اسٽار، دفاعي چيمپيئن عالمي نمبر ون ۽ ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ آئيگا سويٽيڪ پنهنجي ڪاميابين کي جاري رکندي قطر اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي. 23 سالن جي پولينڊ جي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي دفاعي چيمپيئن آئيگا سويٽيڪ بهترين راند پيش ڪندي عورتن جي سنگلز مقابلن جي ٽاپ 16 رائونڊ ميچ ۾ جمهوريه چيڪ جي مخالف لنڊا نوسڪووا کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. قطر جي گادي واري شهر دوحه جي خليفه انٽرنيشنل ٽينس اينڊ اسڪواش ڪمپليڪس ۾ ٽينس ٽورنامينٽ جا انتهائي دلچسپ مقابلا جاري آهن جنهن ۾ مداحن کي بهترين مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا. گذريل ڏينهن عورتن جي سنگل مقابلن جي پري ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ 23 سالن جي پولينڊ جي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي دفاعي چيمپئين آئيگا سويٽيڪ بهترين راند پيش ڪندي جمهوريه چيڪ جي مخالف رانديگرياڻي لنڊا نوسڪووا کي 6-7 (1-7)، 6-4 ۽ 6-4 تان هارائي نه رڳو ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو پر ٽورنامينٽ جي ٽاپ ايٽ رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.