اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽي ملڪي ون ڊي سيريز جي فائنل ميچ جمعو 14 فيبروري تي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو، اهو ميچ ڊي اينڊ نائٽ هوندو، سيريز جي پهرين ميچ ۾ مهمان نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستاني ٽيم کي 78 ۽ ٻي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي اڳ ۾ ئي فائنل ۾ پهچي چڪي آهي، پاڪستاني ٽيم به سيريز جي ٽئين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 6 وڪيٽن تان هارائي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جي مردن جون ڪرڪيٽ ٽيمون هِن وقت پاڪستان جي دوري تي آهن جتي ٽنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ملڪي ون ڊي سيريز کيڏي ويندي جيڪا فائنل مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. سيريز جو فائنل ميچ پاڪستان ۽ مهمان نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ جمعو 14 فيبروري تي ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستاني ٽيم جي قيادت مشهور وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان جڏهن ته نيوزيلينڊ ٽيم کي مچل سينٽز ليڊ ڪندو.