واشنگٽن – 13 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب ۾ پنهنجي روسي هم منصب وليديمير پيوٽن سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق جنوري ۾ اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ اها سندس پنهنجي روس يهم منصب سان پهرين ملاقات هوندي. آمريڪي صدر جو اهو اعلان روسي هم منصب سان اٽڪل 90 منٽن تي ٻڌل فون ڳالهه ٻولهه کانپوءِ سامهون آيو. ان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ هنن يوڪرين ۾ اٽڪل ٽن سالن کان جاري جنگ کي ختم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن تجويز پيش ڪئي ته ان ملاقات ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان به شامل هجي ڇو جو اسان کيس سڃاڻون ٿا ۽ مونکي لڳي ٿو ته سعودي عرب روسي صدر سان ملاقات لاءِ سٺي جاءِ آهي.