اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه واپار، ناڻي، دفاع، سائنس، ٽيڪنالاجي، توانائي، اطلاعات ۽ نشريات، تعليم، صحت، غذائي تحفظ، پاڻي وسيلن، مذهبي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۽ حصيداري جي فروغ جي لاءِ 24 معاهدن، پروٽوڪولز ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ۽ دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي. پاڪستان ترڪيه اعليٰ سطحي تزويراتي تعاون ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ صحيحن واري باضابطا تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان شرڪت ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪيه جي صدر پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ گهڻ رخو بڻائڻ ۽ اداراجاتي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پاڪ ترڪيه ايڇ ايل ايس سي سي جي ستين اجلاس جي گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي ٻنهي پاران صحيحون ٿيندڙ 24 معاهدن، پروٽوڪولز، پڌرنامن ۽ ايم او يوز جي مٽاسٽا ڪئي وئي. تفصيل موجب سماجي ۽ ثقافتي مقصدن جي لاءِ فوجي ۽ سويلين اهلڪارن جي مٽاسٽا تي مفاهمت جي يادداشت، ايئر فورس، اليڪٽرانڪ وار فيئر ۾ تعاون وڌائڻ واري مفاهمت جي يادداشت ۽ ملٽري هيلٿ جي شعبي ۾ تربيت ۽ تعاون سان لاڳاپيل پروٽوڪول تي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ترڪيه جي دفاع واري وزير يوشار گلير صحيحون ڪيون. هائيڊرو ڪاربان جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي ۾ ترميم جي پروٽوڪول، انرجي ٽرانزيڪشن جي شعبي ۾ تعاون جي مفاهمت جي يادداشت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ تعاون تي مفاهمت جي يادداشت تي توانائي واري وزير سردار اويس احمد خان لغاري ۽ ترڪيه جي توانائي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير الپر سالان بير ڪتر صحيحون ڪيون. مصنوعات جي واپار جي معاهدي کي اپ گريڊ ڪرڻ جي عزم تي گڏيل وزارتي بيان ۽ واپار ۾ استعمال ٿيندڙ اصل سرٽيفڪيٽ جي تصديق جي ڊيجيٽلائيزيشن جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشت تي واپار واري وزير ڄام ڪمال خان ۽ ترڪيه جي واپار واري وزير عمر بولت صحيحون ڪيون. زرعي ٻج جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي ۽ پاڻي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي تي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزير راڻا تنوير حسين ۽ ترڪيه جي زراعت ۽ ٻيلن واري وزير ابراهيم يومڪلي صحيحون ڪيون. ليگل ميٽرولاجي انفراسٽرڪچر جي قيام بابت مفاهمت جي يادداشت ۽ پاڪستان ترڪيه ٽيڪسٽائيل ٽيڪنالاجي سينٽر جي فني مدد ۽ ترقي جي لاءِ سائنسي ۽ فني ريسرچ ڪائونسل ترڪيه اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ نيشنل ٽيڪسٽائيل يونيورسٽي (اين ٽي يو) فيصل آباد جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ترڪيه جي صنعت ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير محمد فتح ڪاڪر صحيحون ڪيون. ايڪسپورٽ ڪريڊٽ بئنڪ آف ترڪيه ۽ ايڪسپورٽ امپورٽ بئنڪ آف پاڪستان جي وچ ۾ ايم او يو بابت پڌرنامي تي پاڪستان پاران ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ ترڪيه پاران واپار واري وزير عمر بولت صحيحون ڪيون. صنعتي ملڪيتن جي شعبي ۾ تعاون تي مفاهمت جي يادداشت تي واپار واري وزير ڄام ڪمال خان ۽ ترڪيه جي صنعت ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير محمد فتح ڪاڪر صحيحون ڪيون. ديني خدمتن ۽ مذهبي تعليم جي شعبن ۾ تعاون بابت مفاهمت جي يادداشت تي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ ترڪيه جي مذهبي معاملن واري صدر پروفيسر ڊاڪٽر علي ارباش صحيحون ڪيون. هلال واپار ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ترڪيه جي واپار واري وزير عمر بولت صحيحون ڪيون. مرڪزي بئنڪ آف ترڪيه (سي بي آر ٽي) ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) جي وچ ۾ ٽيڪنيڪي تعاون جي شعبي ۾ مفاهمت جي يادداشت تي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير حقان فيدان صحيحون ڪيون. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت بابت 2 ايم او يوز طئي ٿيا. لاڳاپن ۽ ڪميونيڪشنز جي شعبي ۾ تعاون جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشت ۽ ميڊيا ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ تعاون جي حوالي سان مفاهمت جي يادداشت تي اطلاعات ۽ نشريات واري وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ترڪيه جي ڪميونيڪشنز جي ڊائريڪٽر فخرالدين التون صحيحون ڪيون. صحت ۽ دواسازي جي شعبي ۾ فني تعاون بابت مفاهمت جي يادداشت تي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ۽ ريسرچ واري وزير راڻا تنوير حسين ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير حقان فيدان صحيحون ڪيون. ترڪش ايرو اسپيس انڊسٽريز ۽ پاڪستان جي نيول ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ انسٽيٽيوٽ جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي ڊي جي اين آر ڊي آءِ پاڪستان نيوي ريئر ايڊمرل جاويد اقبال ۽ ترڪ ايرو اسپيس انڊسٽري جي ڊي جي ڊاڪٽر مهمت ديمير اوغلو صحيحون ڪيون. ترڪيه دفاعي صنعت جي سيڪريٽريٽ ۽ دفاعي پيداوار واري وزارت جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي دفاع واري وزير خواجه محمد آصف ۽ ترڪيه جي دفاعي صنعت واري سيڪريٽري هالوڪ گورڪن صحيحون ڪيون. ثقافتي تعاون جي معاهدي ۽ آڊيو ويزيوئل سروسز ۾ ڪوپروڊڪشن بابت معاهدي تي قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن واري وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ پرڏيهي وزير حقان فيدان صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ پاڪستان ترڪيه بزنس فورم جي وچ ۾ مفاهمت جي ٻن يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون.