اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت مالياتي نظم و ضبط، معاشي استحڪام ۽ جٽادار اؤسر حاصل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اهڙو اظهار هن برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريت سان ملاقات دوران ڪيو. ڌُرين گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن جن ۾ معاشي سڌارا، مالياتي سهڪار ۽ پاڪستان ۾ برطانيه جي سهڪار تحت هلندڙ پروگرامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير معيشت جو جائزو پيش ڪندي حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا تي تازي ڄاڻ شيئر ڪئي. جنهن ۾ ڪلي معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر طرف معيشت کي وٺي وڃڻ تي توجهه ڏني وئي. هن مالياتي نظم و ضبط، معاشي استحڪام ۽ جٽادار ترقيءَ لاءِ حڪومتي عزم کي به اجاگر ڪيو. وفاقي وزير برطانيه جي مختلف ترقياتي ۽ حڪومتي پروگرامن ذريعي جاري سهڪار جي تعريف ڪئي، جين ميريٽ پاڪستان سان برطانيه جي مضبوط ڀائيواري کي ورجايو ۽ ٻه طرفي معاشي ناتن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن عوامي مالياتي انتظام، آمدنيءَ ۾ اضافي ۽ معاشي استحڪام جهڙن اهم شعبن ۾ سهڪار کي جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ٻنهي ڌُرين معاشي سهڪار کي وڌائڻ ۽ نئين سهڪار جا رستا ڳولڻ لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.