اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) سي پي اين اي جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ميمبرن جي صدر ضياءُ شاهد ۽ سيڪريٽري جنرل اعجاز الحق جي سربراهي ۾ هڪ وفد ڪالهه خميس ڏينهن هتي اطلاعات ۽ نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي سيڪريٽريري ايس ايم عمران گرديزي سان ملاقات ڪئي ۽ پرنٽ ميڊيا بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، هي فيصلو ڪيو ويو ته ايڊورٽائيزمينٽ بابت انگ اکر پي آءِ ڊي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويندا، وفاقي سيڪريٽري وفد کي ٻڌايو ته سي پي اين اي جي درخواست تي وزارت سيڪريٽري جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطحي رابطا ڪميٽي جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن پرنٽ ميڊيا بابت مسئلا حل ڪري سگهجن