اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جو اجلاس جمعي جي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. ڪالهه ڊپٽي اسپيڪر سيد مير غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ پارليامنٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ ايجنڊا تي ڪارراوئي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي جمعي ڏينهن صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.