حيدرآباد-12 فيبروري (اي پي پي) دنيا جي مختلف ملڪن جي سفر کان پوءِ چيمپيئنز ٽرافي جو پاڪستان جي مختلف شهرن ڏانهن سفر جاري آهي. پي سي بي طرفان چيمپيئنز ٽرافي کي اربع ڏينهن حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ آندو ويو، ٽرافي جي رونمائي وقت شهرين جو وڏو انگ نياز اسٽيڊيم ۾ موجود هو، جن ٽرافي سان گڏ تصويرون ٺهرايون. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ سميت سياسي سماجي شخصيتون ۽ مختلف ٽائونز جا چيئرمين ۽ مقامي رانديگر به موجود هئا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪافي خوشي جي ڳالهه آهي جو چيمپيئنز ٽرافي حيدرآباد پهتي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ڪرڪيٽ سان چاهه رکندڙ گڏ ٿيا آهن. هن چيو ته ان ڳالهه جي گهڻي خوشي آهي ته پي سي بي جو وفد هتي آيل آهي ۽ انهن نياز اسٽيڊيم کي پراپر طريقي سان ڏٺو آهي، اميد آهي ته نياز اسٽيڊيم ۾ جنهن پيماني جي ڪرڪيٽ پهريان ٿيندي هئي اها ٻيهر بحال ٿيندي ۽ نياز اسٽيڊيم کي راندين سان سجايو ويندو.