اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي اسلام آباد ۾ منعقد ”ائٽمي سائنس ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ عورتن جي لاءِ موقعا“ جي خصوصي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ايسوسيئيشن آف وومين ان نيوڪليئر فيلڊ (ڊبليو آءِ اين_پاڪستان) جي اهتمام هيٺ پاڪستان ۾ ائٽمي شعبي ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ عورتن جي حمايت ۽ انهن جي ڪردار کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس ڪالهه اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ شروع ٿي. ڪانفرنس جي خصوصي اجلاس ۾ آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي ” ڊبليو آءِ اين “ جي قدم تي روشني وڌي جنهن جي نتيجي ۾ ايجنسي ۾ عورتن جي ملازمت ۾ حصو 5 سالن ۾ ٻيڻو ٿي ويو آهي. هن پاڪستان ۾ ائٽمي ۽ ان سان واڳيل شعبن ۾ عورتن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ کي ساراهيو. پرڏيهي سيڪريٽري ان موقعي تي خطاب ڪندي ملڪ جي اعليٰ ادارن ۾ ائٽمي توانائي جي ترقي، صحت، ميڊيڪل فزيڪس ۽ ريڊيو فارماسيوٽيڪل جي پيداوار ۾ پاڪستاني عورتن جي نمايان ڪردار کي ساراهيو. هن نوجوان عورتن کي نيوڪليئر سائنس ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ ڪيريئر ٺاهڻ جي لاءِ بااختيار بڻائڻ جي تجويز پيش ڪئي ۽ چيو ته پاليسي ۽ فيصلاسازي ۾ عورتن جي تعاون کي تسليم ڪرڻ ۽ وڌائڻ، عالمي تعاون کي سگهه ڏيڻ، اڪيڊميا – صنعت ۽ حڪومت جي وچ ۾ مضبوط رابطو قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ ” ڊبليو آءِ اين_پاڪستان“ جي رهنمائي، نيٽ ورڪنگ ۽ صلاحيت سازي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر وين آءِ اي اي اي جينيٽ ڊونر آءِ اي اي اي جي مختلف منصوبن ۽ قدمن ۾ عورتن جي شرڪت کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو تجربو شيئر ڪيو. ڊبليو آءِ اين_ پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر شازيه فاطمه عورتن کي ان اهم شعبي ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب ڏيڻ ۽ مدد جي لاءِ پنهنجي تنظيم جي قدمن بابت ٻڌايو. پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي ۾ منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس پيشيور ماڻهن ۽ پاليسي سازن کي ائٽمي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ عورتن جي لاءِ چئلينجز ۽ موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي لاءِ گڏ ڪيو آهي. بيان موجب ڊبليو آءِ اين – پاڪستان عالمي وين نيٽ ورڪ جو هڪ حصو آهي جيڪو ائٽمي شعبن بابت ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي پيشيواراڻي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ڊبليو آءِ اين – پاڪستان ايڊوڪيسي، تعليم ۽ نيٽ ورڪنگ جي موقعن جي ذريعي ملڪ ۾ هڪ اهڙو جامع ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو ائٽمي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ عورتن جي ترقي ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مددگار هجي.