اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي مناسب قيمتن تي فراهمي جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي عام ماڻهو کي سستي اگهن تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي يقيني بڻائين جڏهن ته وفاقي ڪابينا مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي سفارش تي بين المذاهب هم آهنگي پاليسي ۽ مذهبي رواداري جي حڪمت عملي جي منظوري ڏني. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعطم چيو ته عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي سستي اگهن تي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم رمضان المبارڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي مناسب قيمتن تي فراهمي جي حوالي سان هينئر کان ئي حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون کي گڏجي عام ماڻهو کي سستي اگهن تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وفاقي ڪابينا قومي تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت جي سفارش تي بي ايس 21 جي ڊاڪٽر حسن الامين کي قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ پاڪستاني اڀياس بابت قومي اداري جو ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سندس مقرري ميرٽ تي شفاف نظام تحت ڪئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي طاهره رضا کي 5 سالن جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي نان ايگزيڪيوٽو ميمبر طور تي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي سفارش تي بين المذاهب هم آهنگي پاليسي ۽ مذهبي رواداري جي حڪمت عملي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪابينا جي هڪ سب ڪميٽي بين المذاهب هم آهنگي پاليسي ۽ مذهبي رواداري جي حڪمت عملي جو جائزو وٺي ڪابينا ۾ سفارشون پيش ڪيون آهن، ان پاليسي تحت مذهبي رواداري جي حوالي سان ڊائيلاگز ۽ ڪانفرسز جو انعقاد ڪيو ويندو ۽ عوامي آگاهي جي مهم پڻ هلائي ويندي. مذهبي اقليتن جي حقن جي حفاظت جي حوالي سان ايڪشن پلان پڻ ڄاڻايل پاليسي جو حصو آهي. مذهبي رواداري جي حڪمت عملي تحت نفرت آميز مواد ۽ لٽريچر جي روڪٿام جي لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ مختلف فرقيواراڻي تڪرارن جي حل لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي سفارش تي ليليٰ الياس ڪلپنا ۽ ستونت ڪور جي اويڪيو ٽرسٽ بورڊ ۾ عورت ميمبر طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا روينيو ڊويزن جي سفارش تي پاڪستان حڪومت ۽ عراق حڪومت جي وچ ۾ انڪم ٽيڪس ۽ ڪيپيٽل تي ڊبل ٽيڪسيشن جي خاتمي ۽ ٽيڪس چوري ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙن جي خاتمي جي حوالي سان ڪنوينشن جي شروعاتي ڊرافٽ تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 3 فيبروري 2025ع تي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 7 فيبروري 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا رياستي ملڪي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 11 فيبروري جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.