ڪراچي-12 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم جي بحالي ۽ ترقي سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي واڌاري لاءِ ضروري آهي، راندين جي بنيادي اسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري نوجوانن جي وڌيڪ شموليت فراهم ڪندي ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيلينٽ پول ۾ سنڌ جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. سي ايم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اهڙو اظهار هن وفاقي گهرو وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. اجلاس ۾ حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم کي عالمي معيارن تي اپ گريڊ ڪرڻ تي خاص بحث ڪيو ويو ته جيئن عالمي ڪرڪيٽ ميچن جي ميزباني ڪري سگهجي. ٻنهي اڳواڻن اسٽيڊيم کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو. وڏي وزير راندين جي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن سميت صوبي جي باصلاحيت نوجوان ڪرڪيٽرن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏنو وڃي. هن زور ڏنو ته صوبي ۾ ڪرڪيٽ جي مستقبل لاءِ اڀرندڙ صلاحيتن جي ڳولا ۽ پرورش انتهائي اهم آهي. جنهن تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته سنڌ مان نوجوان رانديگرن کي ڳولڻ ۽ انهن جي مدد لاءِ هڪ باضابطه ٽيلنٽ هنٽ پروگرام شروع ڪيو ويندو. هن شروعات جو مقصد باصلاحيت ڪرڪيٽرن کي منظم تربيت ۽ مناسب موقعا فراهم ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ راندين جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ ۽ نوجوان رانديگرن کي وڏن مقابلن جي تياري لاءِ ضروري وسيلا فراهم ڪرڻ جي حڪومت جي عزم کي ورجايو ويو.