اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان بيلاروس جي سرڪاري دوري دوران بيلاز فيڪٽري جو دورو ڪيو ۽ صنعتي حصيداري جي موقعن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. واپار واري وزارت مان جاري ڪيل پڌرائي مطابق ڄام ڪمال خان بيلاز فيڪٽري ۾ کاڻون کوٽڻ ۽ تعميراتي ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ ڳري مشينري جي تياري جي جديد عمل جو مشاهدو ڪيو. هن فيڪٽري ۾ صنعتي حصيداري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ کاڻون کوٽڻ ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڄام ڪمال خان چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي مٽا سٽا صنعتي ترقي لاءِ اڻٽر آهي، پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪيا ويندا. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل منصوبن ۽ فني سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي به اتفاق ۽ گڏيل صنعتي جديديت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڊگهي مدي جي حصيداري بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.