اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پرتگال جي ٻن ڏينهن جي دوري کانپوءِ اسلام آباد پهچي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر نور خان ايئربيس اسلام آباد پهتو. دوري دوران صدر لزبن ۾ پرنس رحيم آغا خان ۽ پرتگال جي صدر سان ملاقاتون ڪيون.