لزبن – 11 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پرتگال جي صدر مارسيلو ريبيلوڊي سوسا سان صدارتي محل ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مارسيلو ريبيلوڊي سوسا صدارتي محل اچڻ تي صدر آصف علي زرداري جو شاندار استقبال ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پرتگال سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ خوشگوار ٻطرفا لاڳاپا آهن. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفو تعاون وڌائڻ، ثقافتي ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر پرتگال جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندي چيو ته پرتگال جي صدر جي دوري سان دوستي جو ٻنڌڻ وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ تعاون جون نيون راهون کلنديون. سال 2025ع ۾ پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار ٻطرفا لاڳاپا قائم آهن.