دبئي – 11 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سريلنڪا جي صدر انورا ڪمارا ڊسانائيڪي ٻطرفي لاڳاپن جي اهم رخن خاص طور تي واپار، دفاع ۽ سلامتي، تعليم، مذهبي سياحت ۽ راندين جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي وڌائڻ ۽ بهتر تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سريلنڪا جي صدر انورا ڪمارا ڊسانائيڪي جي ملاقات ٿي. اها ملاقات ورلڊ گورنمنٽس سمٽ جي موقعي تي ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اها پهرين ملاقات هئي. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ تاريخي رابطن جو ذڪر ڪندي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ موجود خيرسگالي کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي اهم رخن خاص طور تي واپار، دفاع ۽ سلامتي، تعليم، مذهبي سياحت ۽ راندين جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي وڌائڻ ۽ بهتر تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. سريلنڪا جي صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار ۽ مضبوط لاڳاپن کي ساراهيو. هن 1996ع جي لاهور ۾ منعقد ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي فائنل جي حوالي سان پنهنجي خوشگوار يادن جو پڻ ذڪر ڪيو. ملاقات دوران سارڪ کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ سميت علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.