اسٽاڪ هوم-11 فيبروري (اي پي پي) فنلينڊ هوائي حدن ۾ مبينه مداخلت تي روس جي سفير کي طلب ڪري ورتو آهي. ميڊيا موجب فنلينڊ جي پرڏيهي وزارت روس جي سفير کي ان الزام تي طلب ڪري ورتو ته روس جا جهاز نار فنلينڊ ۾ ملڪ جي هوائي حدن ۾ اچي ويا. فنلينڊ جي پرڏيهي وزارت اڄ روس جي سفير کي طلب ڪيو ۽ هوائي حدن جي ڀڃڪڙي بابت وضاحت جي درخواست ڪئي. واضع رهي ته فنلينڊ جي دفاع واري وزارت پهريان ئي چيو هو ته روس جو هڪ جهاز تي نار فنلينڊ جي علائقي ۾ فضائي حدن جي ڀڃڪڙي جو شڪ آهي.