انقره-11 فيبروري (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ڪنهن ۾ به اها طاقت ناهي ته هو فلسطينين کي سندن زمين تان ڪڍي سگهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر رجب طيب اردوان اها ڳالهه نيوز ڪانفرنس دوران چئي. هن چيو ته ڪا طاقت به فلسطينين کي پنهنجي گهر مان نٿي ڪڍي سگهي، جتي هو هزارين سالن کان رهي رهيا آهن . هن واضع ڪيو ته غزه، اولهه ڪنارو ۽ يروشلم فلسطينين جو آهي. ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلد ٽرمپ جي پيش ڪيل منصوبي ۾ غزه کان 20 لک فلسطينين کي ڪڍي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ته جيئن هو ان کي صاف ڪري سگهي ۽ ان جي پنهنجي مرضي مطابق نئين سر تعمير ڪري سگهي. پر ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ان منصوبي کي رد ڪندي چيو ته ٽرمپ انتظاميه جو منصوبو صيهوني قيادت جي دٻاءَ ۾ پيش ڪيو ويو آهي پر ان جي اهڙي ڪا حيثيت ناهي ته ان بابت ڳالهه ڪئي وڃي. اي