دبئي – 11 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ذريعي سيڙپڪاري جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان ۽ مجموعي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻايو آهي ۽ شفافيت کي فروغ ڏنو آهي، ڊي پي ورلڊ سان بامعنيٰ سيڙپڪاري جي حصيداري سان پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ورلڊ گورنمنٽس سمٽ جي موقعي تي ڊي پي ورلڊ جي گروپ چيئرمين ۽ سي اي او سلطان احمد بن سليم ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ڊي پي ورلڊ جي وفد جي پاڪستان جي تازي ڪامياب دوري کي ساراهيندي چيو ته اهو دورو پاڪستان ۽ ڊي پي ورلڊ جي وچ ۾ بامعنيٰ سيڙپڪاري جي حصيداري جو سبب بڻيو جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙي طرح جي سرگرمين ۽ تعاون سان پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ڊي پي ورلڊ جي سيڙپڪاري کي ساراهيندي واپار ۽ لاجسٽڪ انفراسٽرڪچر کي وڌائڻ ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. هن ڊي پي ورلڊ سان بين الحڪومتي معاهدن تحت منصوبن جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻڌايو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي پاڪستان سيڙپڪاري جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان، شفافيت کي فروغ ۽ مجموعي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻايو آهي، جنهن سان پاڪستان عالمي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ پرڪشش مقام بڻجي ويو آهي. وزيراعظم ڊي پي ورلڊ جي ويزن ۽ ڪاروباري حڪمت عملي کي ساراهيو جيڪو پاڪستان جي معاشي امنگن سان هم آهنگ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ڊي پي ورلڊ جي لاءِ پنهنجي آپريشنز کي وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ جبل علي بندرگاهه جهڙن ڪامياب منصوبن جي تقليد جو هڪ مثالي موقعو فراهم ڪري ٿو. ڊي پي ورلڊ گروپ جي چيئرمين گڏيل تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان حڪومت جي مسلسل حمايت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ڊي پي ورلڊ جي منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ ڊي پي ورلڊ جي چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته پاڪستاني مصنوعات جي گڏيل عرب امارات ۾ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ ڊي پي ورلڊ هڪ خصوصي نمائشي هال مختص ڪيو آهي جنهن جي ڪري اماراتي مارڪيٽ تائين پاڪستاني مصنوعات جي پهچ ۽ انهن جي تشهير جا موقعا ملندا. وزيراعظم ڊي پي ورلڊ جي ان قدم کي ساراهيو.