دبئي – 11 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جي صدارتي چيئرپرسن زلجڪا سيويجانووچ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جي صدارتي چيئرپرسن سان ورلڊ گورنمنٽس سمٽ جي موقعي تي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم بوسنيا ۽ هرزيگووينا سان پاڪستان جي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم ٻطرفي لاڳاپن کي گڏيل طور تي ڪارائتي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن تي ٻڌل هڪ مضبوط ۽ وسيع البنياد حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جي يورپي يونين جي ميمبرشپ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جي بطور علائقائي رابطن جي مرڪز جي بي پناهه صلاحيت ۽ مستقبل ۾ يورپي يونين جي ميمبرشپ بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جي رستي پاڪستاني شين جي بلقان ۽ اوڀر يورپي منڊين تائين پهچ جا موقعا فراهم ڪندي. بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جي صدارت بابت چيئرپرسن نيڪ خواهشن تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي بوسنيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.