دوحه -11 فيبروري (اي پي پي ) پولينڊ جي مشهور ٽينس اسٽار، دفاعي چيمپيئن عالمي نمبر ون ۽ ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ آئيگا سويٽيڪ پنهنجي پيشقدمي کي جاري رکندي، قطر اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي پري ڪوارٽر فائينل ۾ پهچي وئي. 23 سالن جي پولينڊ جي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي دفاعي چيمپيئن آئيگا سويٽيڪ بهترين راند پيش ڪندي، عورتن جي سنگلز مقابلن جي ٻئي رائونڊ ۾ يونان جي مخالف رانديگر ماريا سڪاري کي هارائي پري ڪوارٽر فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو. قطر جي گادي واري هنڌ دوحه جي انٽر نيشنل ٽينس اينڊ اسڪواش ڪمپليڪس ۾ قطر ٽينس ٽورنامنيٽ جا دلچسپ مقابلاجاري آهن جنهن ۾ مداحن کي بهترين مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا.