احمد آباد-11 فيبروري (اي پي پي) ڀارت ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ميچ 12 فيبروري تي نريندر مودي اسٽيڊيم احمد آباد ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم کي مهمان انگلينڊ ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي برتري حاصل آهي. ڀارت پهرين ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ان کان اڳ ڀارت جي ٽيم پنجن ٽي – 20 انٽرنيشنل ميچن جي سيريز ۾ مهمان ٽيم انگلينڊ کي 4-1 تان شڪست ڏني هئي. انگلينڊ جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه ڀارت جي دوري تي آهي، جتي اها ميزبان ٽيم خلاف 5 ٽي – 20 ۽ 3 ون ڊي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ياد رهي ته ٽي – 20 ميچن جي سيريز مڪمل ٿي چڪي آهي، جيڪا ميزبان ڀارتي ٽيم 4-1 تان کٽي آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ اڄ احمد آباد ۾ کيڏي ويندي.