اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جي ٽين ميچ 12 فيبروري تي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز جي ٽين ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي. نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جون ڪرڪيٽ ٽيمون پاڪستان جي دوري تي آهن جتي ٽنهي ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز کيڏي پئي وڃي. پاڪستاني ٽيم جي قيادت مشهور وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان ڪندو جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم جي اڳواڻي ٽيمبابووما ڪندو. ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جي بهترين پوائنٽس وارين ٻن ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جي فائنل ميچ 14 فيبروري تي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.