واشنگٽن- 10 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪينيڊا کي پنهنجي 51 ھين رياست بڻائڻ جي خواھش جو ورجاءُ ڪندي چيو آھي ته ڪينيڊا 51 ھين آمريڪي رياست طور وڌيڪ خوشحال ٿي سگھي ٿو. پرڏيھي خابرو اداري مطابق آمريڪي صدر هڪ انٽرويو ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر چيو آھي ته منھنجي خيال ۾ ڪينيڊا آمريڪا جي 51 ھين رياست بڻجي وڃي ته وڌيڪ بھتر ٿي ويندو ڇو ته اسان کي ڪينيڊا سبب ساليانو 200 بلين ڊالرن جو نقصان ٿئي ٿو ۽ مان ائين نه ٿيڻ ڏيندس. اسان بنيادي طور ڪينيڊا کي سبسڊي طور ڇو ھڪ سال ۾ 200 بلين ڊالر ادا ڪري رھيا آھيون؟ جيڪڏھن ھو آمريڪا جي 51 ھين رياست ٿئي ته مون کي ائين ڪرڻ ۾ ڪو به اعتراض ناھي. ان کان اڳ آچر ڏينھن ٽرمپ جي قومي سلامتي جي مشير مائيڪ والٽز چيو ھو ته مان نه ٿو سمجھان ته آمريڪي صدر جو ڪينيڊا تي قبضو ڪرڻ جو ڪو منصوبو آھي. آمريڪي صدر ڪيتريون تجويزون پيش ڪيون ته ڪينيڊا ۾ ڪيترائي ماڻھو 51 ھين آمريڪي رياست طور آمريڪا ۾ شامل ٿيڻ جي حق ۾ آھن. ٽرمپ دليل ڏنا ته اھڙي طرح جو الحاق ڪينيڊا ۾ معاشي استحڪام آڻيندو ۽ ان کي پرڏيھي خطرن کان محفوظ رکندو. ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ردعمل ڏيندي چيو ته ڪينيڊا ڪڏھن به آمريڪا جو حصو نه بڻجندو.