گڏيل قومون- 10 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش لبنان ۾ نئين حڪومت قائم ڪرڻ جي آجيان ڪئي آهي ۽ ملڪ جي علائقائي سلامتي، خودمختياري ۽ سياسي آزادي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي چيف ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ هڪ بيان ۾ چيو ته گڏيل قومن نئين حڪومت سان پنهنجي ترجيحات تي ويجهي شراڪت داري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ منتظر آهي. بيان ۾ لبنان جي عوام جي اهم ضرورتن ۽ خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ سمورين ڪوششن لاءِ عالمي ادارن خاص ڪري بحالي ۽ نئين سر تعمير ۽ جامع، پائيدار سڌارن واري ايجنڊا لاڳو ڪرڻ جي ذريعن جي حمايت تي به زور ڀريو ويو. واضع رهي ته لبنان جي ايوان صدر وزيراعظم نواف سلام جي سربراهي ۾ 24 رڪني نئين حڪومت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.