روٽرڊيم- 10 فيبروري (اي پي پي) اسپين جي مشهور ٽينس اسٽار،4 گرينڊ سلم ٽائلز جي فاتح ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ڪارلوس الڪاراز اي بي اين ايمرو اوپن ٽينس ٽورنامنٽ کٽي ورتو آهي . 21 سالن جي اسپين جي ٽينس اسٽار ڪارلوس الڪاراز مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ آسٽريليا جي اليڪس ڊي مينور کي شڪست ڏئي پهريون انڊور ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي . ڪارلوس الڪاراز جي مجموعي طور تي کٽيل اي ٽي پي ٽائٽل جو انگ 17 ٿي ويو آهي. نيڌر لينڊ جي مشهور شهر روٽرڊيم آهوئي ۾ اي بي اين ايمرو اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ ۽ سخت مقابلا نيڌر لينڊ ۾ جاري آهن، جنهن ۾ مداحن کي بهترين مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا. گذريل ڏينهن مردن جي سنگل فائنل ميچ ۾ اسپين جي مشهور ٽينس اسٽار ڪارلوس الڪاراز شاندار ڪار ڪردگي جو مظاهرو ڪندي مخالف آسٽريليا جي ٽينس رانديگر اليڪس ڊي مينور کي 6-4، 3-6 ۽ 6-2 تان هارائي ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي.