لاهور -08 فيبروري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته موسمياتي تبديلي موجوده دور جو هڪ وڏو چئلينج آهي، اهم مسئلن تي ڳالهيون ڪرڻ پائيدار ۽جامع مستقبل لاءِ ضروري آهن، قانونسازي ذريعي ماڻهن کي بااختيار ۽ معاشري کي مضبوط بنائي سگهجي ٿو، معياري صحت ۽ تعليم تائين رسائي خوشحال معاشري جو بنياد آهي، ڏکڻ اوڀر ايشيا کي غربت ۽ اڻبرابري جهڙا مسئلا درپيش آهن، پارليامينٽ صرف قانونساز ادارا نه پر تبديلي جا انجڻ آهن، چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ سرحدن کان مٿانهين علائقائي تعاون ۽ گڏيل ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن پنجاب اسيمبلي ۾ سي پي اي ايشيا۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي پهرين گڏيل علائقائي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ عوامي خدمتن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ضروري آهي. مقامي حڪمراني عوام کي سڌي ريت فيصلي سازن سان جوڙي ٿي. احتجاج کي بهتر بڻائي ٿي ۽ موقعا فراهم ڪري ٿي، اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي کي هٿي ڏيڻ سان جمهوريت کي وڌيڪ فعال بڻائي سگهجي ٿو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هو دولت مشترڪه جي پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو مڃي ٿو جنهن هن ڪانفرنس کي ممڪن بڻايو. هن پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ جي قيادت کي ساراهيو جن هن ڪانفرنس جي ڪاميابي م اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته هي تاريخي اجتماع 100 کان وڌيڪ معزز نمائندن، 12 اسپيڪرز، 4 ڊَپٽي اسپيڪرز ۽ ملائيشيا، مالديپ، سريلنڪا ۽پاڪستان جي 22 قانونساز نمائندن کي هڪ پليٽ فارم تي آندو آهي. هن علائقائي ۽ عالمي شرڪت گڏيل تعاون تي ٻڌل طرز حڪمراني جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي، جيڪو اسان جي عوام خاص طور تي پٺتي پيل ۽ ڪمزور طبقن جي امنگن ۽ تڪميل لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ اسان مختلف مسئلن تي گهرا مباحثا ڪيا، بصيرتن، حڪمت عملين ۽بهترين تجربن جي ڏي وٺ ڪئي، موسمياتي تبديلي، گدلاڻ، ٽيڪنالاجي ۾ انقلابي تبديليون ۽ جامع سماجي ۽ اقتصادي ترقي اسان جي ڳالهين جو مرڪز رهيا. هن چيو ته هي چئلينجز سرحدن تائين محدود ناهن پر علائقائي تعاون ۽ گڏيل حڪمت عملي جي گهرجائو آهن. ان فورم ذريعي اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ان حقيقت کي تسليم ڪيو آهي، ته پارليامينٽ صرف قانونسازي جا ادارا ناهن پر تبديلي جا مرڪز پڻ آهن جيڪي حڪمراني کي جدت سان جوڙين ٿا، سماجي انصاف کي يقيني بڻائين ٿا ۽ منصفاڻي معاشي ترقي کي هٿي ڏين ٿا. هن چيو ته ڏکڻ اوڀر ايشيا پنهنجي ثقافتن، تاريخ، ۽ اقتصادي موقعن سان گڏوگڏ غربت، اڻبرابري، شهري ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تيز رفتار ترقي جهڙن مسئلن ۾ پڻ ورتل آهي. انهن مسئلن کي نظر ۾ رکندي اسان جي موضوعاتي ويهڪن ۾ انهن چئلينجز ۽ اجتماعي ڪوششن مان فائدو کڻڻ جي امڪانن تي ڌيان ڏنو ويو. هن چيو ته منهنجي لاءِ ذاتي طور سڀني لاءِ معياري صحت ۽ تعليم جي فراهمي سڀ کان وڌيڪ اهم رکي ٿي. اهي ٻئي ٿنڀ هڪ منصفاڻي ۽ خوشحال معاشري جي بنياد آهن، جڏهن ته اسان صحت ۽ تعليم ۾ موجوده خال کي ڀرڻ لاءِ قانونسازي ڪيون ٿا ته اسان نه رڳو ماڻهن بااختيار بڻايون ٿا پر معاشرن کي مضبوط ۽ قومن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيون ٿا. هن چيو ته اسان موسمياتي تبديلي جي سنگين چئلينجن تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون جيڪي اسان جي وقت جو هڪ اهم مسئلو آهي. هن بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم گهربل آهن ۽ هن ڪانفرنس اسان کي ماحولياتي تحفظ، پائيدار شهر زندگي ۽ قدرتي وسيلن جي حفاظت لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ ٽيڪنالاجي ۾ تيز رفتار ترقي جي اثرن تي به بحث ڪيو ويو جيڪي موقعن سان گڏ خطرا به رکن ٿا، مصنوعي ذهانت ۽ سوشل ميڊيا هڪ طرف حڪمراني کي بهتر بڻائڻ جا ذريعا فراهم ڪن ٿا ته ٻئي طرف رازداري، غلط ڄاڻ ۽ سيڪيورٽي جهڙن خدشن کي به جنم ڏين ٿا. هن چيو ته قانونساز طور اسان جي ذميواري آهي ته اسان نواڻ کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته اها ٽيڪنالاجيز جي ذميواري سان استعمال ڪيون. اهو ئي اهو شعبو آهي جتي سرحد پار تعاون بهترين حل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته پارليامينٽيرينز طور اسان تي اها وڏي زميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اسان اختلافن کي گهٽايون، مختلف نقطئه نظر کي اسان گڏ ڪيون ۽ اهڙا قانون بڻايون جيڪي اسان جي عوام جي ضرورتن کي پورو ڪن، اسان اهڙي پائيدار طرز حڪمراني کي اختيار ڪيون جيڪو تعاون، لچڪ ۽ برابري کي هٿي ڏئي. هن چيو ته ايندڙ وقت ۾ اها ڳالهه واضح آهي ته ڪو به ملڪ يا ادارو اڪيلو انهن چئلينجز کي منهن نٿو ڏئي سگهي، تعاون صرف هڪ چونڊ ناهي پر اڻٽر ضرورت آهي. هن چيو ته هي ڪانفرنس رڳو ڳالهين لاءِ نه پر عملي ۽ ٺوس نتيجن لاءِ به هڪ اهم بنياد فراهم ڪري ٿي. هن اسان کي 21 صدي جي چئلينجز جي روشني ۾ حڪمراني کي نئين سر متعين ڪرڻ ۽ جاميت ۽ پائيداري جي عزم کي مضبوط ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي. هن چيو ته هاڻ اسان جي بحثن کي قانونسازي، تعاون جي فريم ورڪ ۽ ڊگهي مدي وارن علائقائي حڪمت عملين ۾ اختيار ڪرڻو پوندو. مون کي يقين آهي ته ”لاهور ڊڪلريشن“ اسان لاءِ هڪ رهنما اصول ثابت ٿيندو جيڪو هتي پيدا ٿيل مثبت توانائي کي برقرار رکڻ ۽ بين الپارلياماني ۽ علائقائي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي گذارش ڪئي ته اسان هن جذبي کي برقرار رکون ۽ جديد طرز حڪمراني ۽ حصيداري جي هن عزم کي اڳتي وڌايون جيڪا هن ڪانفرنس جي خاص سڃاڻپ رهي آهي. اچو گڏجي ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته اسان جي پارليامان ترقي، استحڪام ۽ اميد جا ٿنڀ بڻجي رهن ته جيئن ايندڙ نسلون هڪ بهتري مستقبل جي اميد رکي سگهن. هن معزز مهمانن جو ٿورو مڃيندي چيو ته هو انهن جي وطن واپسي جي محفوظ سفر ۽ لاهور ۾ گذاريل مفيد لمحن جي خوشگوار يادن سان واپسي لاءِ دعاڳو آهي. ان کان اڳ اسٽيفن ٽوئگ، جنرل سيڪريٽري سي پي اي سپاسنامو پيش ڪيو ۽ وقتي صدر جو ٿورو مڃيو.