ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان جي گھر کي باهه ڏئي ساڙيو ويو
ڍاڪا- 06 فيبروري (اي پي پي) بنگلاديش ۾ ناراض مظاھرين بنگلاديش جي گادي واري شھر ڍاڪا ۾ موجود بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان جي گھر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. سندس گھر کي ڌان منڊي 32 جي نالي سان سڏيو ويندو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق شيخ مجيب جي گھر کي باھه لڳائڻ کانسواءِ مظاھرو ڪندڙن اڳوڻي وزيراعظم ۽ شيخ مجيب جي ڌيءِ شيخ حسينه جي پارٽي عوامي ليگ جي اڳواڻن جي گھرن ۾ پڻ ڀڃ ڊاھه ڪئي آھي. مظاھرين جو چوڻ آھي ته شيخ حسينه ڀارت وڃي بنگلاديش جي مخالف سرگرمين ۾ مصروف آھي. شيخ حسينه واجد کي گذريل سال بنگلاديش ۾ شاگردن تي تشدد ۽ مظاھرن بعد قتدار ڇڏڻ سان گڏو گڏ ملڪ به ڇڏڻو پيو ھو جنھن بعد ھو 5 آگسٽ 2024ع کان ڀارت ۾ ترسيل آھي. شيخ حسينه واجد پنھنجي پيءُ ۽ بنگلاديش جي باني جي گھر کي باھه لڳائڻ جي واقعي تي سخت ردعمل جو اظھار ڪندي چيو آھي ته اسان جي مخالفن ڪجھه بلڊوزرن سان ملڪ جي آزادي کي تباھه ڪرڻ جي طاقت نه ٿا رکن، ھو عمارت کي ڪيرائي سگھن ٿا پر تاريخ کي مٽائي نه ٿا سگھن. بنگلاديش ۾ تازن مظاھرن جي شروعات اربع جي شام ان وقت ٿي جڏھن شيخ حسينه واجد جي پارٽي طرفان ٻڌايو ويو ته ھو اربع جي رات جو خطاب ڪندي جنھن کي فيس بڪ ذريعي ڏيکاريو ويندو. شيخ حسينه جي جماعت عوامي ليگ جي شاگرد ونگ ڇاترا ليگ گذريل ڏينھن ھڪ آن لائن پروگرام جو انتظام ڪيو جنھن ۾ شيخ حسينه کي به آن لائن خطاب جي دعوت ڏني وئي. ان جو اھو خطاب فيس بڪ پيج ذريعي ھلايو ويو جڏھن سندس خبر پکڙجندي ئي شيخ حسينه واجد ۽ سندس پارٽي جي مخالفن مظاھرو شروع ڪري ڇڏيو ۽ پروگرام جي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مظاھرين بيلچن ۽ ھٿوڙن جي مدد سان بنگلاديش جي باني شيخ مجيب جي رھائش گاھه ڌان منڊي 32 تي حملو ڪري ڏنو، مظاھرين وٽ بلڊوزر به ھئا. مقامي اخبار مطابق شيخ مجيب جي گھر کي رات ساڍي 9 وڳي باھه لڳائي وئي جنھن جي ڪجھه ڪلاڪن بعد ھڪ ڪرين جي مدد سان رات 2 وڳي عمارت جو ھڪ حصو ساڙيو ويو.