اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ملڪي سيريز جو پهريون ميچ 8 فيبروري تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز جو پهريون ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندو. نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جون ڪرڪيٽ ٽيمون پاڪستان جي دؤري تي آهن، جتي ٽنهي ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز کيڏي ويندي. ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جو پهريون ميچ ميزبان پاڪستان ۽ مهمان نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 8 فيبروريءَ تي لاهور ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستاني ٽيم جي اڳواڻي ناليوارو بيٽسمين محمد رضوان ڪندو، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم کي مچل سينٽنر ليڊ ڪندو. ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جو ٻيو ميچ 10 فيبروريءَ تي نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جو ٽيون ميچ 12 فيبروريءَ تي پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو. بهترين پوائنٽس وارين ٻن ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جو فائنل ميچ 14 فيبروريءَ تي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. اي