بيجنگ-06 فيبروري (اي پي پي) چين چيو آهي ته هڪ طرفي جارحاڻي قدمن جي مقابلي ۾ پنهنجن حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ ضروري قدمن کي يقيني بڻايو ويندو. اها ڳالهه چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان هي يون چيان معمول جي پريس ڪانفرنس دوران چئي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته آمريڪا جي هڪ طرفي طور واڌو اوڳاڙيُون لاڳو ڪرڻ عالمي واپاري تنظيم جي قانونن جي خلاف ورزي آهي، جيڪو هڪ طرفي ۽ پنهنجي واپاري مفادن جي تحفظ جو هڪ عام مظهر آهي. هن چيو ته آمريڪي قدمن سان گهڻ رُخي واپاري نظام کي شديد نقصان پهچي سگهي ٿو. عالمي صنعتي ۽ سپلاءِ چين جي استحڪام ۾ خلل پوي ٿو ۽ عالمي واپاري ڇِڪتاڻ ۾ واڌ ٿئي ٿي. هن چيو ته چين واپاري تڪرارن کي هوا ڏيڻ جي اڳرائي نه ڪندو ۽ ڳالهين ۽ مشاورت ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته چين ٻين ملڪن سان گڏجي هڪ طرفي ۽ واپاري تحفظ پسندي جي چئلينجز کي گڏيل طور مُنهن ڏيڻ ۽ عالمي واپار جي منظم ۽ مستحڪم ترقيءَ جي تحفظ لاءِ تيار آهي.