اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪالهه ”ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو“ ملهايو ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي کان اڳ اسلام آباد ۾ رهندڙ سفارتڪارن کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ هڪ بريفنگ جو اهتمام ڪيو ويو. ترجمان چيو ته ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري جي قيادت ۾ وزارت جي آفيسرن ۽ عملي ڪانسٽيٽيوشن ايونيو تي منعقد يڪجهتي ڏهاڙي واڪ ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز ۾ سيمينارز، عوامي ريلين ۽ تصويري نمائش سميت ٻين سرگرمين جي هڪ وسيع رينج جو انعقاد ڪيو ويو. ترجمان چيو ته انهن سرگرمين جو مقصد ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ هو.