اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته غزه جي ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ جي تجويز انتهائي پريشان ڪندڙ ۽ غيرمنصفاڻي آهي، فلسطيني سرزمين فلسطيني عوام جي آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ٻه رياستي حل ئي واحد قابل عمل ۽ منصفاڻو آپشن آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد سان گڏوگڏ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ آزاد، خودمختيار ۽ لڳولڳ فلسطيني رياست جي قيام جو حامي رهيو آهي ۽ رهندو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن چيو ته فلسطينين کي انهن جي سرزمين تان بي گهر ڪرڻ ۽ غيرقانوني بستين کي جاري رکڻ جي ڪا به ڪوشش عالمي قانون جي واضح خلاف ورزي هوندي ۽ پوري خطي جي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائيندي. ترجمان پاڪستان غزه سميت سمورن بي گهر فلسطينين جي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي، والاريل علائقن مان اسرائيلي فوج جي مڪمل انخلا، انساني امداد ۾ اضافي ۽ سمورين رڪاوٽن جو خاتمو، غزه جي جلد کان جلد نئين سر تعمير جي لاءِ ٺوس عالمي ڪوششون ڪرڻ جي مطالبي جو پڻ ورجاءُ ڪيو.