بيجنگ/ اسلامَ آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پاڪستان ٺٽو سيمنٽ ڪمپني ۽ چين جي چنگ گانگ ڪنسٽرڪشن گروپ جي وچ ۾ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون. مفاهمت ڪي يادداشت تحت پاڪستان ۾ سيمنٽ جي پيداوار ۾ 5000 ٽن ڏهاڙي اضافي جي لاءِ پروڊڪشن لائين لڳائي ويندي. سنڌ جي توانائي کاتي ۽ چين جي منگ يانگ قابل تجديد توانائي ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. مفاهمت جي يادداشت تحت پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جي مختلف منصوبن ۾ تعاون ڪيو ويندو. تقريب ۾ سنڌ حڪومت ۽ چين جي ڪمپني جي وچ ۾ ڪوئلي جي گيسي فڪيشن ۽ يوريا جي پيداواري پلانٽ جي منصوبي جي يادداشت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون.