اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شاهه غلام قادر جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم وفد کي ڪشميري عوام جي ڀلائي جي لاءِ قدمن ۾ پاڪستان حڪومت پاران ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم وفد جي ميمبرن کي ڪشميري عوام جي مسئلن جي حل جي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي تلقين ۽ آزاد ڪشمير جي نوجوانن جي ترقي جي لاءِ خصوصي قدمن جي پڻ هدايت ڪئي. وفد پاڪستان حڪومت پاران آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق، اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر ۽ وفاقي وزير احسن اقبال، انجنيئر امير مقام، راڻا تنوير حسين ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ شريڪ هئا.