اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشميرين جو رت مقدس رت آهي، ڪشمير جي بهادر جوانن، مائرن ۽ ڀينرن جون لازوال قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون، ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي. ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ 5 فيبروري ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان معصوم ۽ مظلوم ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جو وچن ڪريون ٿا، والاريل ڪشمير جي عوام تي ڪيل ظلمن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ڪشميرين جو رت مقدس رت آهي، ڪشمير جي بهادر جوانن، مائرن ۽ ڀينرن جون لازوال قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. هن چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي حق جي لاءِ جدوجهد جاري رکي آهي، انهن کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام تي ڪيل ظلمن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، سدائين انهن جي حمايت جاري رکنداسين.