اسلام آباد- 04 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 2025ع جي پھرين قومي پوليو جي روڪٿام واري مھم ڪاميابي سان جاري آھي جيڪا 9 فيبروري تائين جاري رھندي. ان مھم جي شروعات سومر کان ٿي هئي جنھن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. پوليو جي روڪٿام واري پروگرام جي اختيارين جو چوڻ آھي ته پوليو ورڪر گھر گھر وڃي پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندا. ھن والدين کان اپيل آھي ته پوليو ورڪرن جو ڀرپور ساٿ ڏين ۽ پنھنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا لازمي پيارين. پنجن سالن کان گھٽ عمر جي سمورن ٻارن کي پوليو ويڪسين پيارڻ مائٽن جي قومي ۽ اخلاقي ذميواري آھي. ھن چيو ته پاڪستان مان پوليو جو مڪمل خاتمو حڪومت جي پھرين قومي ترجيح آھي، پوليو پروگرام ۽ توسيعي حفاظتي ٽڪن بابت پروگرام وچ ۾ ھم آھنگي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ ھو ته سڄي ملڪ ۾ معمول جي حفاظتي ٽڪن جي ڪوريج کي بھتر بنائڻ لاءِ اثرائتا ۽ مربوط قدم کنيا پيا وڃن جن جو مقصد ٻارن کي پوليو سميت ٻين موتمار بيمارين کان محفوظ رکڻ آھي.