جڪارته- 04 فيبروري (اي پي پي) انڊونيشيا جي مالوڪو صوبي ۾ 6.1 شدت جي زلزلي جا لوڏا رڪارڊ ڪيا ويا، جڏهن ته ڪا سونامي وارننگ جاري ناهي ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري، موسميات کاتي جي حوالي سان ٻڌايو ته انڊونيشيا جي صوبي مالوڪو ۾ گذريل ڏينهن صبح جو 4 لڳي 35 منٽن تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، جن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.1 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. زلزلي جو مرڪز سمنڊ اندر 105 ڪلوميٽر جي اونهائي ۾ هو. اختيارين طرفان سونامي جو ڪو الرٽ جاري ناهي ڪيو ويو.