بيجنگ- 04 فيبروري (اي پي پي) ٿائيلينڊ جو وزيراعظم پيٽونگٽرن شينا واترا 5 فيبروري کان چين جو 4 ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن بيان ۾ ٻڌايو ته چين جي وزيراعظم لي ڪيانگ جي دعوت تي سندس ٿائيلينڊ جو هم منصب پيٽونگٽرن شينا واترا 5 کان 8 فيبروري تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو.