ماسڪو- 04 فيبروري (اي پي پي) ھڪ سينئر روسي سفارتڪار تصديق ڪئي آھي ته روس بيلاروس ۾ پنھنجا اورشينڪ ميزائل سسٽم نصب ڪندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق روسي پرڏيھي وزارت جي عھديدار اليڪسي پولشچڪ جي حوالي سان ٻڌايو ته اهي قدم ٻنھي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ طئي ٿيل معاھدن مطابق کنيا ويندا. ھن چيو ته روس پنھنجي واعدن مطابق بيلاروس کي ضروري مدد فراھم ڪرڻ ۽ گڏيل دفاعي قدمن لاءِ تيار آھي. سندس چوڻ ھو ته وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ اورشينڪ ميزائل ٻنھي ملڪن وچ ۾ موجود دفاعي معاھدن تحت بيلاروس ۾ نصب ڪيا ويندا، جتي اڳ ئي ھڪ گڏيل علائقائي فورسز گروپ، جديد روسي دفاعي نظام ۽ غير اسٽريٽجڪ ايٽمي ھٿيار موجود آھن، بيلاروس جي ھٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا پرڏيهي ۽ اندروني خطرن کي منھن ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا. واضح رھي ته جنوروي جي آخر ۾ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو اعلان ڪيو ھو ته روس جو شينڪ ھائپر سونڪ ميزائل سسٽم ڪنھن به ڏينھن بيلاروس پھچي ويندو ۽ اھو نظام سمولينسڪ جي علائقي ويجھو نصب ڪري سگھجي ٿو.