اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس اراغچي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وسيع شعبن ۾ ايران سان ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.