منڊي بهاءُ الدين – 03 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ پيمرا جي ڊائريڪٽر جنرل (ليگل) طاهر فاروق تارڙ جي وڏي ڀاءُ مختيار احمد تارڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس گهر ويا ۽ مرحوم جي ايصال ۽ ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ٻنهي اڳواڻن مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته طاهر فاروق تارڙ جي وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم جو لاڏاڻو گهرڀاتين جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هن چيو ته مرحوم جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڀرجي نه سگهبو. ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.