اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني سفير کي چيني نئين سال جي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نئون سال پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ خوشحالي آڻيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب عوامي جمهوريه چين جي پاڪستان ۾ سفير جيانگ زيڊونگ وزيراعظم سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيني سفير کي چيني نئين سال جي مبارڪباد ڏني ۽ نئين سال جي تقريبن ۾ چيني قيادت سان گڏوگڏ چين جي ڀائر عوام بشمول پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني چيني شهرين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي نئون سال پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ خوشحالي آڻيندو. چيني سفير هن خوشي جي موقعي تي چيني حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا مڃيا.