اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي ڊسمبر جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ (ايف سي اي) جي حوالي سان عوامي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي. عوامي ٻڌڻي نيپرا چيئرمين جي صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي گارنٽي (سي پي پي اي جي) ايف سي اي جي مد ۾ هڪ روپيو 3 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست جمع ڪرائي هئي. ترجمان چيو ته سي پي پي اي جي طرفان مسلسل 6 مهينن کان ايف سي اي جي مد ۾ گهٽتائي جي درخواست ڪئي وئي آهي. سي پي پي اي جي چيو ته ان کان اڳ صارفين کان نومبر جي ايف سي اي جي مد ۾ 75 پئسا في يونٽ گهٽتائي سان چارج ڪيو ويو هو، ڊسمبر جو ايف سي اي نومبر جي ڀيٽ ۾ صارفين کان وڌيڪ 28 پئسا في يونٽ گهٽ چارج ڪيو ويندو. نيپرا ترجمان چيو ته ايف سي اي ڊسڪوز جي سمورن صارفين کانسواءِ لائف لائن، گهريلو 300 يونٽ تائين استعمال ڪندڙ صارفين، زرعي، پري پيڊ صارف ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنز تي لاڳو ٿيندو. ان ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي به لاڳو نه ٿيندو. اٿارتي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ پڙتال کانپوءِ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي.