لنڊن-30 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ڪيمبرج يونيورسٽي جو دورو ڪيو جتي هن اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ آرگنائزيشن جي نمائنده هيلري پيروٽ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستاني شاگردن لاءِ ڪيمبرج ۽ برطانيه جي ٻين مشهور يونيورسٽين ۾ نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڪيمبرج ٽرسٽ تحت حصيداري جي قيادت ڪندڙ ٽيم سان ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ ڪيمبرج وچ ۾ گڏيل فنڊ پي ايڇ ڊي اسڪالرشپس دستياب آهن، تنهن هوندي به عملي رڪاوٽن سبب وظيفا مڪمل طور تي استعمال نه ٿي سگهيا. احسن اقبال ان معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري طور تي چيئرمين هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) کي هدايت ڪئي ته هو انهن رڪاوٽن کي ختم ڪري ۽ يقيني بڻائي ته سمورا دستياب وظيفا انهن حقدار پاڪستاني شاگردن کي ڏنا وڃن جن ڪيمبرج ۾ پي ايڇ ڊي پروگرام ۾ داخلا حاصل ڪري ورتي آهي ۽ گهربل معيار تي پورو لهن ٿا. ان کانسواءِ هن سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ پلاننگ ڪميشن جي ميمبر کي ان معاملي جي نگراني جي ذميواري ڏني، هن ان ڳالهه تي زور ڀريندي چيو ته ڪو به اهل شاگرد ان موقعي کان محروم نه رهي. رٿابندي واري وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هر پاڪستاني شاگرد، جيڪو دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ڪري ٿو، ان کي مالي سهڪار فراهم ڪيو وڃي. هن پنهنجي تعليمي جدوجهد جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته هن يونيورسٽي آف پنسلوانيا جي وارٽن اسڪول مان ايم بي اي هڪ اسڪالرشپ ذريعي مڪمل ڪئي، جيڪو سندس ڪيريئر ۽ ڪاميابين ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيو. هن آگاهه ڪيو ته هن پاڪستان جي سمورن وڏن ڪمرشل بئنڪن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي آهي ۽ کين هدايت ڏني آهي ته هو پنهنجي ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي تحت اسڪالرشپ پروگرام متعارف ڪرائين. هن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي باصلاحيت پاڪستاني شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم جا موقعا وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. اهو دورو حڪومت جي تعليم ۾ سيڙپڪاري جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو ته جيئن پاڪستاني شاگردن کي دنيا جي اعليٰ تعليمي ادارن تائين پهچ حاصل ٿئي ۽ اهي ملڪ جي فڪري ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.